مسٽر پرائيم منسٽر، ڇا توهان ڏوهارين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ آيا آهيو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ مسٽر پرائيم منسٽر! پاڪستان ڪو ننڍو ملڪ ناهي، اسان وٽ دنيا جي ڇهين وڏي آرمي آهي، ڇا اسان وري ڪو سرينڊر ڊاڪيومينٽ سائين ڪرڻ پيا وڃون، ڇا توهان ڏوهارين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ آيا آهيو

 اي پي ايس سانحي ڪيس ۾ وزيراعظم جي پيشي دوران سپريم ڪورٽ طرفان ريمارڪس ڏنا ويا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اي پي ايس سانحي وقت نواز شريف جي حڪومت هئي، سڀ کان وڌيڪ ذميواري نواز شريف جي هئي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها،جسٽس قاضي امين چيو ته سانحي تي نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، اُن کانپوءِ وڌيڪ بهتر ماڻهو اچي صورتحال ڪنٽرول ڪري ها

Mr. Prime Minister