سنڌ اسيمبلي ۾ 5 کان 6 قاتل ايم پي ايز ويٺل آھن، وڏو وزير کين معطل ڪري: گورنر سنڌ

ملير : عرب شھزادن جي شڪاري گاڏين جي وڊيو ٺاھڻ تان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان ناظم جوکيو جي ٽيجھي جون رسمون ادا ڪيون پيون وڃن. ڌاٻيجي لڳ ڳوٺ آچار سالار جوکيو ۾ مقتول جي تڏي تي وارثن سان عذر خواهين جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل مقتول جي تڏي تي پھچي عذر خواهي ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر چيو ته سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جوائنٽ ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا، وفاق پاران نئين جي آء ٽي جوڙي ويندي، اسين متاثر ڌر کي وڪيل به مھيا ڪنداسين .

گورنر چيو ته عربن جو شڪار تي اچڻ تي ملڪ ۾ خوشحالي ايندي آھي عربن جو ڪو به قصور نه آھي ھو پکين جو شڪار ڪن ٿا ، پر ھتان جا باشنده ، وڏيرا ، ماڻھن جو شڪار ڪن ٿا. ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ 5 کان 6 قاتل ايم پي اي ويٺل آھن جن جي باري وزير اعليٰ سنڌ سان ڳالھائيندس ته انھن خلاف ڪاروائي ڪري کين معطل ڪري.