ناظم جوکيو قتل ڪيس: ڄام اويس گهرام 3ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ملير: پرديسي پکين جي شڪار کان روڪڻ ۽ وڊيو ڀرڻ تان بااثرن جي مبينا تشدد ۾ قتل ٿيل ناظم جوکيو جي ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏي،

پوليس ڄام اويس گهرام کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ڄام اويس گهرام کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي،

ڄام اويس گهرام کي بڪتر بند گاڏي ۾ آندو ويو، جڏهن ته عدالت ۾ پيشي بعد ڄام اويس گهرام کي بنا هٿڪڙين جي پوليس واپس وٺي وئي، گذريل رات پ پ وفد مقتول جي وارثن پاران هنيل ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪيو، خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڄام اويس گهرام گرفتار نه ٿيو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.

  • TAGS