چپن جي پلاسٽڪ سرجري ناهي ڪرائي: عفت عمر

ڪراچي: اداڪارا ۽ ماڊل عفت عمر چيو آهي ته مون چپن جي نه پلاسٽڪ سرجري ڪرائي آهي ۽ نه ئي فلنگ ڪرائي آهي. اداڪارا عفت عمر سوشل ميڊيا تي فيشل ۽ چهري جي ڪاربن پيل ليزر جون تصويرون شيئر ڪيون،
تصويرون وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڪجهه مداحن چپن تي ڪيل فلنگ مٿان تنقيد ڪئي جنهن تي اداڪارا رد عمل ۾ وضاحت ڏئي ڇڏي آهي سندس چوڻ آهي ته منهنجا چپ قدرتي طور اهڙا ئي آهن
جڏهن ته مون انهن ۾ ڪابه فلنگ ناهي ڪرائي ۽ نه ئي وري سرجري ڪرائي آهي. هن چيو ته ورزش ڪرڻ سبب منهنجو وزن گهٽجي ويو آهي انڪري منهنجا چپ ائين نظر اچي رهيا آهن.