ڪراچي: آزاد ڪشمير جَي علائقي پلندري ۾ مسافر ڪوچ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا
پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ آزاد ڪشمير کان راولپنڊي ويندي حادثي جو شڪار ٿي وئي، بس ۾ 30 مسافر سوار ھئا
ڊپٽي ڪمشنر پلندي جو چوڻ آھي ته حادثي ۾ 23 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آھن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي