پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 8.9 تائين وڃي سگهي ٿي: ورلڊ بينڪ

هلندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 8.9 تائين وڃي سگهي ٿي ورلڊ بينڪ خبردار ڪري ڇڏيو.
ورلڊ بينڪ پاڪستان ڊويلپمينٽ رپورٽ جاري ڪئي جنهن موجب پاڪستان جي آءِ ايم ايف کان قرض معاهدي ۾ دير سان معيشت کي خطرا لاحق آهن.
رپورٽ موجب ملڪي ۽ علائقائي سيڪيورٽي خطرا وڌي رهيا آهن، افغان صورتحال جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، معاشي اصلاحن جو عمل دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو.