روس جي ڪيميڪل پلانٽ ۾ ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

ماسڪو: روس جي اولهه واري صوبي ريازن جي ڪيميڪل پلانٽ ۾ ڌماڪي ۽ باهه جي واقعي ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ريازن ۾ ڌماڪون گن پائوڊر ۽ ڪيميڪل پلانٽ ۾ ٿيو جنهن سبب وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري ذريعن جي حوالي سان ڌماڪي ۾ 16 ڄڻن جي مارجڻ جو اطلاع ڏنو آهي جڏهن ته روس جي ايمرجنسي وزارت واقعي ۾ 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته 4 ماڻهو گم آهن جن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن جڏهن ته ڌماڪي جي جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.