شاه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي ضمانت وري رد، جيل منتقل

ڪراچي(م ڊ) بالي ووڊ ڪنگ شاه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت واري درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ممبئي جي سيشن عدالت ڪروز شپ ڊرگ ڪيس ۾ جوابدار آريان، ارباز مرچنٽ ۽ ممنون ڌميچا جون ضمانت واريون درخواستون ڪري ڇڏيون آهن.

ميڊيا رپورٽس موجب آريان کي ضمانت نه ملڻ جي ڪري هو وڌيڪ ڪجهه عرصو جيل ۾ ئي رهندو.
ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان جي وڪيل پاران هاڻي ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.