سماجي اڳواڻ روشن محبوب راڄپر جو قاتل ويڳو پٽ نڪتو

خيرپور؛ راڻيپور جي ڳوٺ موسيٰ راڄپر ۾ قتل ٿيل سماجي اڳواڻ روشن محبوب راڄپر جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي

ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سماجي اڳواڻ روشن محبوب راڄپر کي سندس ويڳي پٽ عاقل محبوب پنهنجي ساٿين عرس ۽ شان راڄپر سان گڏجي قتل ڪيو

ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ دعويٰ ڪئي ته مقتولا جي ويڳي پٽ ذاتي اختلافن سبب پنهنجي ماءُ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ڪيس جي انڪوائري دوران شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن.