پٽ جي گرفتاري کان پوءِ شاهه رخ کائڻ ۽ سمهڻ ڇڏي ڏنو آهي: ويجهي دوست جو انڪشاف

ممبئي: منشيات ڪيس ۾ پٽ جي گرفتاري کان پوءِ بالي ووڊ جو اداڪار شاهه رخ خان تمام گهڻو پريشان آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب وڏي پٽ آريان جي گرفتاري اداڪار کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. جڏهن ته هلندڙ وقت سندس زندگي جو مشڪل ترين وقت آهي. شاهه رخ جي ويجهي دوست ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار پاڻ کي تمام گهڻو پرسڪون ۽ مطمئن ظاهر ڪري رهيو آهي پر حقيقت ۾ هو ڏک ۽ سخت ڪاوڙ ۾ آهي. اداڪار جي دوست وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن کان آريان منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو آهي. تڏهن کان شاهه رخ صحيح طريقي سان سمهي ناهي سگهيو نه ئي هو صحيح طريقي کاڌو کائي رهيو آهي. پٽ جي گرفتاري کيس ڀڃي ڇڌيو آهي. رپورٽن موجب شاهه رخ جو خيال هو ته آريان جي ضمانت منظور ٿي ويندي ۽ هو گهر واپس موٽي ايندو جڏهن ته اداڪار کي سومر کان پنهنجي ڪم جي ٻيهر کان شروعات ڪرڻي هئي پر اميدن جي ابتڙ پٽ جي ضمانت ممبئي جي مقامي عدالت رد ڪري ڇڏي. جنهن سبب شاهه رخ پنهنجن ڪمن کي ملتوي ڪري ڇڏيو.