جيو لڪس ايوارڊ 2021: مهوش حيات ۽ ماهرا خان جي شاندار ڊانس پرفارمنس

لڪس اسٽائل ايوارڊ 2021 ۾ ماهرا خان ۽ مهوش حيات پنهنجي پرفارمنس سان موجود ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون.
هڪ ڏينهن اڳ ٿيندڙ لڪس اسٽائل ايوارڊ 2021 دوران جتي ٻين ستارن پنهنجون پرفارمنس ڏنيون اتي مهوش حيات ۽ ماهرا خان به جلوا ڏيکاريا.
اداڪارا مهوش حيات گلوڪارا فريدا خانم کي خاص خراج تحسين پيش ڪئي ۽ ”بلي بلي“ گاني تي پرفارمنس ڪئي.
ٻئي پاسي اداڪارا ماهرا خان ”موري سئيان“ تي ڊانس سان حاضرين جون دليون کٽي ورتيون.