اسرائيلي فوج جي بربريت، 3 فلسطيني شهيد

رمالا: فلسطين ۾ اسرائيل جي فوج جي بربريت جاري آهي ۽ اڄ وڌيڪ ٻن فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي فوج مسجد اقصيٰ جي ويجهو فائرنگ ڪري فلسطيني عورت کي شهيد ڪيو جڏهن ته هڪ ڳوٺ برقين ۾ سرچ آپريشن دوران فلسطيني نوجوان کي شهيد ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج هڪ شخص کي غزا جي پَٽي ۾ فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو
اسرائيلي فوج جون فلسطين ۾ اهڙيون خوني ڪاروايون وڏي عرصي کان وٺي شروع آهن ۽ مظلوم فلسطيني لڳاتار احتجاج ۽ مزاحمت ڪندا رهيا آهن.
ياد رهي ته آچر واري ڏهاڙي تي به اسرائيلي فوج هڪ ڳوٺ ۾ 5 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.
دنيا جي مسلمان ملڪن طرفان فلسطين ۾ اهڙي ظلم خلاف مذمت ٿيندي رهي آهي پر هن وقت تائين ڪي خاطر خواهه قدم نه کڻڻ جي ڪري فلسطيني شهرين جي واهر نه ٿي سگهي آهي.