ميشا شفيع والده ۽ مڙس سميت عدالت طلب

)لاهور جي سيشن عدالت گلوڪارا ميشا شفيع جي خلاف علي ظفر جي ساک کي نقصان پهچائڻ واري دعويٰ تي 29 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت ميشا شفيع کيس سندس مڙس ۽ ماءُ صباء حميد سميت ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.
ايڊيشنل سيشن جج اظهار اقبال رانجها ٻن صفن جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ميشا شفيع، صبا حميد، محمد محمود پنهنجي ٻيان تي ايندڙ ٻڌڻي ۾ پيش ٿين.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ساک کي متاثر ڪرڻ واري دعويٰ ميشا شفيع، صبا حميد، محمد محمود پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن.
لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي علي ظفر جي وڪيل موجب ٽنهي گواهن جي بيانن تي جرح ٿيڻ باقي آهي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.