محمد حفيظ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ تان هٿ کڻي ڇڏيو

راولپنڊي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ تان هٿ کڻي ڇڏيو.
محمد حفيظ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ سينٽرل پنجاب جي ٽيم ۾ شامل آهي پر اطلاع آهن ته هن نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ تان نه کڻي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فوڊ پوائزننگ سبب محمد حفيظ کي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ٽورنامينٽ ڇڏڻي پئي ۽ آل رائونڊر اسلام آباد کان لاهور روانو ٿي ويو آهي، جتي امڪاني طور سندس بلڊ ٽيسٽ ٿيندي.
ذريعن موجب محمد حفيظ سينٽرل پنجاب کي لاهور ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ جوائن ڪندو.
هوڏانهن ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ جي طبعيت بهتر آهي پر ڊاڪٽرن کيس آرام جي صلاح ڏني آهي.