ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان، بابر ڪپتان ھوندو، سرفراز ڊراپ

ڪراچي : ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ  پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آھي.

 سرفراز احمد ڊراپ، آصف علي ۽ خوشدل شاهه جي واپسي، 15 رڪني اسڪواڊ جي قيادت بابر اعظم ڪندو، ٽيم ۾ شاهنواز ڏاهاڻي، محمد حفيظ، شاداب خان، آصف علي، اعظم خان ۽ ٻيا رانديگر به شامل آھن.

 آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان يو اي اي ۾ شروع ٿيندو، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، اھا ئي ٽيم نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز ۾ بھ حصو وٺندي.

چيف سليڪٽر محمد وسيم ٻڌايو تھ پاڪستان جو اسڪواڊ 15 رڪني آھي، 3 ريزور پليئرز شامل آھن، ٽيم جي ضرورت موجب چونڊ ڪئي وئي، ڪنڊيشنز کي ذھن ۾ رکيو ويو آھي.

محمد وسيم ٻڌايو تھ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ قومي ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪپتان، نائب ڪپتان شاداب خان ھوندا.