سامونڊي طوفان آئيڊا آمريڪا جي ڇهن رياستن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، پنجيتاليهه ڄڻا فوت

نيويارڪ: سامونڊي طوفان آئيڊا آمريڪا جي 6 رياستن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن سبب 45 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.رپورٽ موجب آمريڪا ۾ سامونڊي طوفان آئيڊا 6 رياستن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي سامونڊي طوفان سبب سوين اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن جڏهن ته رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. سامونڊي طوفان آئيڊا آمريڪا جي مُک علائقن تائين ايندڙ تاريخ جو پنجون سامونڊي طوفان آهي. نيويارڪ ۾ 12 ماڻهن جي فوتگيون تهه خاني مان ٻاهر نه نڪرڻ سبب ٿيون.لوازيانا ۾ آئيڊا طوفان سبب ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا. جڏهن ته نيو جرسي ۾ طوفان آئيڊا سبب 23 ڄڻا فوت ٿي ويا. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نيو جرسي جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا ۽ برسات سبب گهڻا ماڻهو پنهنجي گاڏين ۾ ڦاٿيل رهيا جنهن سبب فوتگيون ٿيون. نيوجرسي، نيويارڪ ۽ من بٽن ۾ ٻوڏ سبب وڏا روڊ بند ٿي ويا.آمريڪي صدر جوبائيڊن طوفان آئيڊا جو ذميوار ماحوليات تبديلي ۽ عالمي طور تي گرمي پد جي اضافي کي قرار ڏيندي چيو ته موسميات تبديلي جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ملڪ کي تاريخي سرمائيڪاري ڪرڻي پوندي.