ڪرسٽيانو رونالڊو سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪندڙ فٽبالر بڻجي ويو!

پرتگال جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو بين الاقوامي ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ ايران جي فٽبالر علي دائي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. عالمي ڪپ جي ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ آئرلينڊ خلاف رونالڊو 2 گول اسڪور ڪري مجموعي طور تي 111 گول اسڪور ڪندڙ دنيا جو پهريون فٽبالر بڻجي ويو آهي. واضع رهي ته ايران جي علي دائي 1993ع کان 2006ع تائين 109 گول ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهيو هو.