پاڪستان ٻي ٽيسٽ ميچ کٽي حساب برابر ڪري ڇڏيو

ڪنگسٽن: پاڪستان ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 109 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي.
ڪنگسٽن ۾ پاڪستان طرفان مليل 329 رنسن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم 219 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ شاهين آفريدي 4 ۽ ميچ ۾ مجموعي طور 10 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته نعمان علي 3 ۽ حسن علي 2 شڪار ڪيا.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته ويسٽ انڊين ٽيم پهرين اننگز ۾ 150 تي ڍير ٿي وئي هئي.
پاڪستان ٻي اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪندي ويسٽ انڊيز کي ڪاميابي لاءِ 329 رنسن جو هدف ڏنو هو.
ٻنهي اننگز ۾ 10 وڪيٽون وٺڻ تي شاهين آفريدي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.