ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضن جون حقيقتون نٿو لڪائي سگهي: پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضن جون حقيقتون نٿو لڪائي سگهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان آزاد ڪشمير چونڊن جي حوالي سان بيان تي ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.