نيب پاران احسن اقبال ۽ خواجه آصف جي ضمانت خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: نيب پاران نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي اسلام آباد هائي ڪورٽ مان ضمانت واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هڪ بيان ۾ نيب پاران چيو ويو آهي ته نيب احسن اقبال خلاف نيب ڪورٽ اسلام آباد ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو، جيڪو هلندڙ آهي، نيب پاران احتساب عدالت ۾ روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي لاءِ دخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب پاران خواجه آصف جي ضمانت خلاف پڻ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو آهي.