ٻين جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجندڙن کي ناڪامي ملندي: چيني صدر

بيجنگ: چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته دهشتگردي جهڙي گڏيل چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي معاملن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي.
چيني صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي ورچوئل سربراهه اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.
هن چيو ته ٻين ملڪن جي ترقي جي رستي ۾ رنڊڪون آڻيندڙن کي ناڪامي ملندي. ترقي جي عمل ۾ ترقي پذير ۽ غريب ملڪن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.
صدر شي پن جنگ وڌيڪ چيو ته اسان انصاف، برابري ۽ گڏيل ترقي جي عالمي نظام تي يقين رکون ٿا. اسان کي انسانيت جي گڏيل قدرن کي کڻي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. دنيا ۾ اهڙو نظام چاهيون ٿا جتي هر ملڪ کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا ميسر هجن.
هن وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽين تي انسانن جو مستقبل سنوارڻ بابت ڳريون ذميواريون آهن. دنيا کي ڪورونا جهڙي عالمي وبا، ماحولياتي تبديلي ۽ تڪرار جي ڪري خطرن کي منهن ڏيڻو پيو پوي.