پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل کي چماٽ هڻڻ وارو ڪيس: عدالت پاران فيصلو محفوظ

ڪراچي: فردوس عاشق اعواڻ پاران پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل کي چماٽ هڻڻ واري معاملي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪو 8 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو. عدالت ۾ قادر مندوخيل جي تڪ جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيل هو ته واقعي خلاف تڪ جي عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي، جنهن سان صورتحال بگڙجي سگهي ٿي. درخواست ۾ قادر مندوخيل چيو هو ته نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ فردوس عاشق اعواڻ کيس چماٽ هنئي ۽ تشدد ڪيو، مونکي گاريون ڏنيون ۽ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.