عيدالاضحيٰ 20 جولائي تي ٿيندي: سعودي ماھر فلڪيات

سعودي ميڊيا موجب سعودي ماھر فلڪيات جو چوڻ آھي تھ ھن سال ذوالقعد جو مھينو 30 ڏينھن جو ھوندو. سعودي عرب ۾ پھرين ذوالحج آچر 11 جولائي تي ٿيندو ۽ حج جو رڪن اعظم وقوف عرفات سومر 19 جولائي تي ٿيندو. ماھر فلڪيات جو چوڻ آھي تھ سعودي عرب ۾ عيدالاضحيٰ 20 جولائي اڱاري ڏينھن ٿيندي. اڳوڻي استاد ۽ ماھر فلڪيات قصيم يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر عبداللھ المسند جو چوڻ آھي تھ حتمي تاريخ جو اعلان سعودي عرب جي اعليٰ عدالتي ڪائونسل جي ڪميٽي ڪندي.