ڪئينيڊا ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب ست پاڪستاني سڙي فوت

ڪينيڊا: ڪينيڊا جي شهر البرٽا جي هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ جي سبب 4 ٻارڙن ۽ عورت سميت 7 پاڪستاني سڙي فوت ٿي ويا آهن. خبرن موجب شهر چيسٽر ميئر ۾ جمعي واري ڏينهن لڳل باهه جي واقعي ۾ ڪراچي سان واسطو رکندڙ ٻن خاندان جا 7 ماڻهو فوت ٿي ويا،فوت ٿي ويلن مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ امجد ڪمال ۽ رافعه راشد نالي طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻين ماڻهن ۾ هڪ عورت ۽ 4 ٻارڙا شامل آهن، واقعي ۾ 4 ٻارن سميت 5 ماڻهو بچي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته باهه جي واقعي ۾ محفوظ رهندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيط چوڌري ڪينيڊا ۾ 7 پاڪستانين جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته شروعاتي جاچ موجب هن واقعي ۾ ڪو به ڏوهاري هٿ ملوث نه آهي، حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ڪينيڊين عملدارن سان رابطي ۾آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، جڏهن ته باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.