بحريه ٽائون وارا پئسا ڏيو!: سنڌ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل

ڪراچي: سنڌ سرڪار گجر نالي، اورنگي نالي جي متاثرن جي بحالي، ايم ڊي اي اسڪيم 1,شاهه لطيف ٽائون ۽ تيسر ٽائون جون ترقياتي رٿائون شروع ڪرڻ، آر بي او ڊي رٿا ۽ ڪراچي گريٽر سيوريج رٿا لاءِ بحريه ٽائون جي زمين واري قيمت مان 30 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون آهن. اهڙيون درخواستون سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران ايڊووڪيٽ جنرل ذريعي داخل ڪرايون ويون آهن. درخواستن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جي زمين جي مد ۾ 407 ارب وصول ڪري رهي آهي جنهن مان ڪجهه رقم بحريه ٽائون ادا به ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ ۽ سندن بحالي لاء 10 ارب رپين جي ضرورت آهي. ايم ڊي اي، شاهه لطيف ٽائون لاءِ 10 ارب ۽ آر بي او ڊي رٿا مڪمل ڪرڻ توڙي ڪراچي گريٽر سيوريج رٿا لاءِ 10 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن ته جيئن عوامي مفادن واريون رٿائون مڪمل ڪري سگهجن.