ڪينيڊا ۾ قهر جي گرمي، 233 ڄڻا فوت

اوٽاوا : ڪينيڊا ۾ سخت گرميءَ سبب 233 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪينيڊا ۾ هن وقت سخت گرمي آهي ۽ گرمي پد وڌڻ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
برٽس ڪولمبيا صوبي ۾ گذريل جمعي کان هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 233 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، انهن مان گهڻي ڀاڱي فوتگيون ويڪوور جي علائقي ۾ ٿيون آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ليٽن شهر ۾ گرمي پد 49.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
هوڏانهن آمريڪا جا اتر اولهه شهر سياٽل ۽ پورٽ لينڊ به سخت گرميءَ سبب متاثر ٿي رهيا آهن.