وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار شهباز گل ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ سبب اوگرا 6 رپيا 5 پئسا في ليٽر پيٽرول مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر وزيراعظم رڳو ٻه رپيا واڌ جي اجازت ڏني آهي.
سندس موجب ڊيزل جي اگهه ۾ به في ليٽر 3 رپيا 44 پئسا واڌ جي تجويز ڪئي وئي پر رڳو هڪ رپيو 44 پئسا في ليٽر واڌ جي اجازت ڏني وئي آهي.