ڪورونا وبا سبب يورپي يونين ۾ ڪرپشن وڌڻ جو انڪشاف

لنڊن: ڪورونا جي عالمي وبا سبب يورپي يونين ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي.
اهڙو انڪشاف ٽرانسيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ ڪيو آهي.
ٽرانسيرنسي انٽرنيشنل چيو آهي ته ان بحران سبب ماڻهو طبي خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت جو استعمال به ڪري رهيا آهن ۽ يورپ جون ڪجهه حڪومتون ان وبا کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ خاطر به استعمال ڪري رهيون آهن.
اداري جي سالياني رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خاص طور تي صحت جي شعبي ۾ ڪرپشن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي آهي.
ان رپورٽ جي تياري لاءِ اِي يو جي 27 رڪن ملڪن مان 40 هزار ماڻهن جا انٽرويو به ڪيا ويا.