ڪي پي اسيمبلي پاران جمعي ڏينهن سرڪاري موڪل جو ٺهراءُ گڏيل طور منظور

پشاور: خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ هفتيوار موڪل آچر بدران جمعي تي ڪرڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور منظور ٿي ويو. اڱاري ڏينهن ڪي پي اسيمبلي اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي ميمبرن جمعي جي موڪل بحال ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو. هفتيوار موڪل جي تبديلي جي حوالي سان ٺهراءُ جماعت اسلامي جي عورت ميمبر حميرا خاتون ۽ سراج الدين خان پيش ڪيو، جنهن کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ آچر بدران جمعي تي هفتيوار سرڪاري موڪل بحال ڪيو وڃي، جمعي ڏينهن موڪل نه هجڻ سبب نقصان ٿيندو آهي، ٻن موڪلن سبب ڪاروبار، معيشت ۽ سرڪاري معاملا به سستي جو شڪار آهن. ايوان ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ميمبرن جو انگ پورو نه هجڻ سبب اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو.