گڏيل قومن ۾ اسرائيل خلاف پاڪستان جو ٺهراءُ منظور

جنيوا : گڏيل قومن غزه جنگ ۾ جنگي ڏوهن جي جاچ لاءِ اسرائيل خلاف پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن وراي ڪونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ غزه جي علائقي ۾ اسرائيلي بمباري جي دوران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ جنگي ڏوهن بابت عالمي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته مستقل آزاداڻي جاچ ڪميشن قائم ڪئي ويندي جيڪا 11 ڏينهن تائين جاري رهندڙ اسرائيلي بمباري ۽ حماس جي ميزائل حملن دوران غزه ۽ والاريل بيت القمدس ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو جائزو وٺي رپورٽ مرتب ڪندو.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ آزاداڻي جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ وارو ٺهراءُ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي ذريعي پاڪستان طرفان پيش ڪيو ويو هو جنهن جي حق ۾ 24 ووٽ ڏنا ويا ۽ مخالفت ۾ 9 ووٽ آيا جڏهن ته ڀارت سميت ٻين 14 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
ٻئي پاسي اسرائيل روايتي هٽ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي ٺهراءَ کي رد ڪندي سهڪار نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.