ڀارت جي اسپتال ۾ باهه، ڪورونا جا تيرهن مريض سڙي فوت

نئين دهلي: ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ اسپتال ۾ باهه سبب آءِ سي يو ۾ باهه لڳي جنهن ڪري 13 مريض سڙي فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي کان 70 ڪلوميٽر جي فاصلي تي علائقي ورار جي ولڀ اسپتال ۾ اڄ صبح جو باهه لڳي وئي جنهن ۾ ڪل مريضن جو انگ 90 هو.
باهه جي ڪري آءِ سي يو ۾ داخل ڪورونا جا 13 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻين مريضن کي اسپتال جي عملي فوري ٻين اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو.