عمران خان کي 3 سالن ۾ سنڌ ياد نه آيو، وزيراعظم ڪراچي ۾ اليڪشن چوري ڪرڻ ويو آهي:مريم اورنگزيب

لاهور : نواز ليگ ترجمان پاران وزيراعظم عمران خان جي سنڌ دوري بابت رد عمل ڏنو ويو آهي،

مريم اورنگزيب پاران چيو ويو ته ٽن سالن ۾ عمران خان کي سنڌ ياد نه آيو، وزيراعظم ڪراچي ۾ اليڪشن چوري ڪرڻ ويو آهي،

اليڪشن ڪميشن عمران خان کي دوري کان روڪي، اين اي 249 ننڍي چونڊ تي ڌانڌلي جو شڪ آهي، ايم اين ايز کي تڪ ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، وزيراعظم کي ڪراچي لاءِ هاڻي 11 ارب رپيا ياد آيا.