وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ 28 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ڪورونا جي ملڪ ۾ صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. جڏهن ته نيشنل ڪميشن اسٽيٽس آف ويمن جي چيئرپرسن جي مقرري، نيشنل ڪميشن هيومن رائٽ جي ميمبرن ۽ چيئرپرسن جي مقرري جي منظوري به ڏني ويندي.

اجلاس ۾ پاڪستان جي سرڪاري دورن تي ايندڙ دپلوميٽس ۽ آفيسرن جي لاءِ ويزا فيس ۾ ڇوٽ، پرڏيهي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستانين کي وراثتي سرٽيفڪيٽ جي جاري ڪرڻ لاءِ نادرا ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي منظوري به اڄوڪي اجلاس ۾ ڏني ويندي.

اسلام آباد ۾  سهوليت سينٽر قائم ڪرڻ ۽ زائرين مينجمنٽ پاليسي، ريگوليٽري فريم ورڪ جي به منظوري اڄوڪي اجلاس ۾ ڏني ويندي.