يوڪرين جهاز حادثي ۾ ايران ڏهن ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي

تهران: ايران يوڪرين جهاز حادثي جي ڪيس ۾ 10 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايران 2020 ۾ آمريڪا ايران ڇڪتاڻ دوران مبينا غلطي سان نشانو بڻايل يوڪرين جي مسافر جهاز جي ڪيس ۾ 10 عهديدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو آهي.
يوڪرين جي مسافر جهاز ۾ سوار 100 کان وڌيڪ ماڻهن جو تعلق ڪينيدا سان هو جنهن ۾ 55 ڪينيڊين شامل هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرد جرم لاڳو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن ان جي حتمي جاچ رپورٽ تي عالمي طور تنقيد ٿي رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ايران ان واقعي کي انساني غلطي قرار ڏنو پر ڪنهن به هڪ ماڻهو کي ان واقعي جو ذميوار نه سمجهيو آهي.