حڪومت کنڊ جي ايڪس ملز قيمت 80 رُپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏي

لاهور : حڪومت کنڊ جو ايڪس ملز پرائيس 80 رُپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏيو، احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ايوب خان جي دور کان کنڊ جو بحران هلي رهيو آهي، کنڊ جو هٿرادو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ لازمي هو، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو کنڊ جي ايڪس پرائيس ملز مقرر ڪئي وئي، کنڊ جو نئون اگهه حڪومت نه پر شگر ملز جي ڊيٽا تحت مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ شگر ملز کي 15سيڪڙو نفعو ڏنو ويو آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر چيو ته ڪجهه شگر ملز مالڪن کنڊ جي اگهن تي عدالت سان رابطو ڪيو آهي، کنڊ مافيا خلاف هيل تائين 10 ڪيس داخل ڪيا ويا، 13 شگر ملز جاچ هيٺ آهن..