بختاور ڀٽو زرداري به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڏي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري به عالمي وبا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي.

بختاور ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته مون 2 اپريل تي ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو جيڪو هاڪاري آيو آهي پر هاڻ مان صحتياب ٿي  رهي آهيان.

عوام کي احتياط جي اپيل ڪندي بختاور ڀٽو زرداري چيو ته اوهان ماڻهن کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿي ته جيڪڏهن ماڻهن ماسڪ جي ذريعي پنهنجو نڪ ناهي ڍڪيو ته ان جو ڌيان ان طرف ڪرايو.

بختاور ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پاڻ به ڪورونا ويڪسين لڳرايو ۽ جيڪي پاڻ ويڪسين نٿا لڳرائين ان جي مدد به ڪريو. الله اسان سڀني کي محفوظ رکي.(آمين)