جهانگير ترين آصف زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيندو: شهلا رضا

ڪراچي : صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شهلا رضا چيو آهي ته جهانگير ترين آصف زرداري سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي  ۾ شموليت جو اعلان ڪري سگهي ٿو، ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته جهانگير ترين مخدوم احمد محمود سان ملاقات ڪئي آهي. شهلا رضا چيو ته جهانگير ترين ايندڙ هفتي ڪراچي ۾ آصف زرداري سان ملاقات ڪندو، خيال آهي ته پي ٽي آءِ ڇڏڻ ۽ پ پ ۾ شمولت جو اعلان ڪندو، جيڪڏهن واقعي ائين ٿيو ته نه بزدار رهندو نه نيازي رهندو.هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، جهانگير ترين چيو ته منهنجي خلاف مسلسل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي پ پ ۾ شموليت ۽ ترين مخدوم احمد محمود سان ملاقات ڪرڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. آصف زرداري سان ملاقات طئي ناهي، شهلا رضا جو بيان هٿ ٺوڪيو آهي، هن چيو ته منهنجي خلاف خبرون هلائيندڙن کي مايوسي ٿيندي. جڏهن ته شهلا رضا ترين جي ترديد بعد ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو