شاداب خان انجري سبب ڏکڻ آفريقا ۽ زمبابوي جي دوري کان ٻاهر

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شاداب خان انجري سبب ڏکڻ آفريقا ۽ زمبابوي جي دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي.ڏکڻ آفريقا جي خلاف جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ٻئين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ بيتنگ دوران شاداب خان کاٻي پير تي بال لڳڻ سبب انجري جو شڪار ٿيو. شاداب خان پنهنجي کاٻي پير ۾ انجري سبب چئن هفتن جي لاءِ ڪرڪيٽ کان پري ٿي ويو آهي.ان ڪري هو ڏکڻ آفريقا جي دوري جا باقي رهيل ميچ ۽ زمبابوي جي دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل نه هوندو. انجري جو شڪار ٿيڻ تي شاداب خان جو ايڪسري ڪرايو ويو جنهن ۾ انٽرا آرٽيڪلور ڪيمويڪيٽڊ فريڪچر جي سڃاڻپ ٿي جنهن تي ڊاڪٽرن کيس چئن هفتن جي لاءِ ري هيب تجويز ڪيو آهي.