لاڙڪاڻي ۾ پيءُ ۽ پٽ مٿان نينگريءَ سان زيادتي جو الزام

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو ويجهو ڳوٺ حسين آباد واسي غلام رضا کوسو احتجاج ڪندي الزام مڙهيو آهي ته ٻن جوابدارن دين محمد کوسو ۽ سندس پٽ راجا کوسو منهنجي پوٽي 12ورهين جي نياڻي کي شئي وٺي ڏيڻ بهاني پڪڙي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، پوليس ۽ وارثن نينگري کي چيڪ اپ لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب مامري جي جاچ ڪريون پيا، جوابدار فرار آهن