ڀارت تي ڪو به اعتبار نه ڪيو:جاويد ميانداد

ڪراچي: اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته ڀارت تي ڪو به اعتبار نه ڪيو، سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارتي سرڪار هوائي فائر ڪندي آهي.
تفصيل موجب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گڏيل ڪرڪيٽ ۽ رابطن جي بحالي جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر جاويد ميانداد ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي خوشفهمي ۾ مبتلا ناهي، هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو ته ڀارت تي اعتبار نه ڪيو، جڏهن ڪو شيڊول ٿيندو تڏهن ڳالهائيندس، هي ماڻهو پنهنجي مطلب لاءِ هوائي فائر ڪندا آهن، اسان کي هڪ ئي ڌڪ ۾ ڳالهائڻ گهرجي ته جيڪڏهن اچڻ چاهيو ٿا ته اچو، ناهي اچڻو ته نه اچو، اسان کي ڪا ڳڻتي ناهي.
اليڪشن جي ڪري اهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، ان جي نه کيڏڻ سان اسان کي ڪو نقصان ناهي، اسان جي ڪهڙي ڪرڪيٽ ختم ٿي، پاڪستان ٽيم جي پرفارمنس جي حوالي سان جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوچنگ سٺي نه پئي ٿئي، جيڪو پنهنجي فيلڊ ۾ ماهر هوندو اهوئي سٺو سيکاريندو، جيڪو ڪجهه مون سکيو هوندو اهوئي سيکاريندس، پاڻ تان پريشر ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهر کان ماڻهن کي آندو ويو آهي، مقامي ماڻهن کي بورڊ مان ٻن منٽن ۾ کڻي ٻاهر اڇليو ويندو آهي.