پ پ کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مبارڪ، پارلياماني اصولن ابتڙ ڪيو ويو: شاهد خاقان عباسي

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيوآهي ته پيپلز پارٽي جيڪو ڪيو اهو پارلياماني اصولن جي خلاف آهي، پ پ کي مبارڪ هجي هن جو اپوزيشن ليڊر بڻجي ويو، اهو اپوزيشن ناهي هوندي جنهن بينچ تي حڪومتي ميمبرز ويٺل هجن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته 57 سينيٽرز لکي ڏنو آهي ته هو اپوزيشن ۾ آهن، جيڪڏهن اپوزيشن وٽ 57 ميميبرز آهن ته پوءِ پهرين فرصت ۾ سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد تحريڪ آڻين. هن چيو آهي ته آزاد ميمبرن لکي ڏنو ته اهي باپ جا ميمبرز آهن، جيڪو پارليمان، جمهوريت ۽ پي ڊي ايم جي اصولن سان گڏ آهن اسان انهن سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو آهي ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جو فيصلو منهنجي گهر ۾ ٿيو هو، هن فيصلي جي باري ۾ سموريون جماعتون ڄاڻن ٿيون ته ڇا ٿيو هو، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ اپوزيشن ليڊر تي ذيلي ڪميٽي ٻن منٽن ۾ فيصلو ڪيو هو، اپوزيشن ليڊر جي فيصلي جي خبر ناهي پهتي ته ان ميمبرن کان پڇو جيڪي اتي موجود هئا. هن چيو آهي ته اسد قيصر ٻڌائي ته هو حڪومت جو اسپيڪر آهي يا سڀني جو، اسد قيصر چڱي طرح سمجهي ٿو ته هو اپوزيشن جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، اپوزيشن هاڻي ان جي ڪنهن به ڳالهه کي ٻڌڻ ۽ ڪميٽي ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو آهي ته وزيراعظم ۽ وزير ايوان ۾ بيهي ڪري گاريون ڏيندا آهن، ڇا اسپيڪر وزيراعظم جي اها تقرير ناهي ٻڌي جيڪا هن جعلي اعتماد جو ووٽ وٺي تقرير ڪئي، اصول آهي ته جيڪو شخص هائوس ۾ موجود نه هجي ان جي باري ۾ ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، اسپيڪر کي گهرجي ته اپوزيشن کان معافي وٺي، جڏهن هن ڳالهين تي عمل ٿيندو ته هائوس هلندو، هن چيو آهي ته پهريان توبهه ڪيو، پرزائيڊنگ آفيسر نه کنڀيا ويندا ۽ ووٽ چوري نه ٿيندا، توبهه ڪيو ته سينيٽ ۾ ڪيميرا نه لڳائينداسين، هي به توبهه ڪيو حڪومت جا سينيٽرز کان وٺي اپوزيشن ليڊر نه بڻائيندو، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سمورن ادارن کي آئين موجب هلڻ گهرجي. هن چيو آهي ته براڊ شيٽ سوڌو جيڪي رپورٽس ٺهيون آهن اهي ڏوهارين کي لڪائڻ لاءِ ٺهيون آهن، براڊ شيٽ جون حقيقتون واضح آهن، نيب جي چيئرمين معاهدو ڪيو،سهولتڪار بڻجندڙ وارن ۽ ڪميشن گهرندڙن وارن کي اندر ڪيو وڃي، هن مامري ۾ فوجي عملدار شامل آهن، انهن کي به جيل ۾ وڌو وڃي.