پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ٿي ويو

اسلام آباد : پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ٿي ويو، سينيٽ سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، يوسف رضا گيلاني 30 سينيٽرز جي صحيح سان درخواست سينيٽ چيئرمين وٽ جمع ڪرائي هئي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري مامري تي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ اختلاف سامهون آيا هئا. ٻئي پاسي نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي ۽ راڻا ثناءُ الله جون جاتي امراءَ ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو ته  پيپلز پارٽي جَي ضد سبب پي ڊي ايم اختلافن جو شڪار ٿي، پ پ اتحاد کي اورانگهي سينيٽ ۾اپوزيشن ليڊر جي عهدي کي اهم سمجهيو، جيڪڏهن عهدو ايترو اهم هو ته نواز شريف سان ڳالهايو وڃي ها: : مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن يوسف رضا گيلاني اپوزيشن ليڊر ٿي ويو آهي ته پوءِ إنا الله وإنا إليه راجعون..