حڪومت واڌو سرچارج لڳائڻ ۽ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ لاءِ کلي ڇوٽ حاصل ڪري ورتي

اسلام آباد : حڪومت واڌو سر چارج لڳائڻ ۽ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ لاءِ کلي ڇوٽ حاصل ڪري ورتي، اضافي 10سيڪڙو سرچارج وصول ڪري سگهبو، بجلي ساڍا 5 رپين تائين في يونٽ مهانگي ٿي سگهي ٿي، نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد لاڳو ٿي ويو، ٻئي پاسي صدر عارف علوي ٽئڪس قانون ۾ ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، فريش گريجويٽس کي حاصل ڇوٽ ختم، پي سي بي سميت راندين جي سمورين تنظيمن لاءِ ٽئڪس ڇوٽ ٽئڪس ڪريڊٽ ۾ تبديل، فلم انڊسٽري کي مليل ٽئڪس ڇوٽ به واپس: ڪاروباري مرڪزن تي اين ٽي اين ظاهر نه ڪرڻ تي ڏنڊ لاڳو ٿيندي، 62 ادارن کي ٽئڪس ڪريڊٽ جي سهولت ڏني وئي..