ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاج، اٺٽيهه ڄڻا مارجي ويا

ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاج دوران سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 38 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا.
فوج رنگون جي جي ٻن علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، مري ويلن جو انگ هڪ سئو تائين آهي.
پر سرگرم سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گروهن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو انگ ان کان به وڌيڪ آهي.
چين جو چوڻ آهي ته ميانمار ۾ فيڪٽرين تي حملي ۾ ڪيترائي چيني به زخمي ٿيا آهن.
ياد رهي ته ميانمار جي فوج پهرين فيبروري تي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري آنگ سان سوچي کي گرفتار ڪري ورتو هو.