لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري گودام مان 4 ڪروڙ 75 لک رپين جي ڪڻڪ گم ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: لاڙڪاڻي جي ڪڻڪ گودام مان 4 ڪروڙ 75 لکن جي ڪڻڪ گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق چانڊيو جو چوڻ آهي ته ٻورين جي ڳڻپ دوران 4 ڪروڙ 75 لکن جي ڪڻڪ غائب ھئي. هن چيو ته فوڊ انسپيڪٽر ۽ انچارج سميت ٻين خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي پئي وڃي، ممڪن آھي ته ٻورين ۾ به ڪڻڪ چورائي وئي ھجي، ٻوريون وزن ڪرڻ کانپوء پتو پوندو.