پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائين تي رابطو، جنگبندي معاهدن تي عمل ڪرائڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي، پاڪستان ۽ ڀارت جَي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جو هاٽ لائين تي رابطو، ڪنٽرول لائين ۽ ٻين سيڪٽرز تي جنگبندي بابت معاهدن تي سختي سان عمل ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جٽادار امن لاءِ ڪور معاملن تي پيدا ٿيل غلط فهميون به ختم ڪرڻ جو عزم ظاهر: آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان ۽ ڀارت جَي ڊي جِي ايم اوز ڪنٽرول لائين سميت سمورن سيڪٽرز جي صورتحال جو جائزو ورتو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻئي ملڪ هاٽ لائين جَي موجوده ميڪنزم کي اثرائتو بڻائڻ تي متفق آهن.