سينيٽ ۾ پ پ اميدوار پلوشه خان جا نامزدگي ڪاغذ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينيج

ڪراچي: سنڌ انڊس لائرز فورم پ پ جي سينيٽ اميدوار پلوشه خان جا نامزدگي ڪاغذ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينيج ڪري ڇڏيا، عاقب راڄپر، خليل انصاري ۽ حسيب پنهور پلوشه خان جا ڪاغذ چيلينج ڪيا، پنهنجي درخواست ۾ هنن چيو آهي ته پلوشه خان جو واسطو سنڌ سان نه آهي ۽ سچائي لڪائي آهي، پلوشه خان محمد زئي جو واسطو چڪوال سان آهي، پلوشه خان 11 جنوري تي سنڌ مان پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرايو. درخواست ۾ پلوشه خان جي ووٽ جي چڪوال سان ڪراچي منتقلي سوڌو ڪوائف کي چيلينج ڪيوويو آهي، درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ پلوشه خان پنهنجي مڙس جو نالو به نه لکيو، اليڪشن ڪميشن جي طرفان پلوشه خان جا نامزدگي درست قرار ڏيڻ غير قانوني آهي..