جاپان ۾ سخت زلزلو، 100 کان وڌيڪ زخمي

ٽوڪيو :جاپان جي اتر اوڀر پاسي آيل سخت زلزلي سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ وڏي پئماني تي جاين کي به نقصان پهتو آهي.
مقامي ميڊيا موجب زلزلي جي نتيجي ۾ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 125 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن، متاثر علائقن ۾ سپر ايڪسپريس ٽرين سروس حفاظتي سببن جي بنياد تي معطل ڪئي وئي آهي.
ڇنڇر ڏينهن آيل ان زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7.3 رڪارڊ ڪئي وئي.