نيب صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي

ڪراچي ؛ نيب صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي، ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اعجاز جکراڻي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جاچ ڪئي پئي وڃي، مٿس ايجوڪيشن ورڪس جي منصوبن ۾ ڪروڙين رُپين جي گهوٻين جو الزام آهي، اعجاز جکراڻي خلاف 2 ريفرنس داخل ٿيا آهن، ٽئين ريفرنس جي حوالي سان جاچ جاري آهي، عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پهرين مارچ تي رڪارڊ طلب ڪري ورتو.