ترڪي ملڪ ۾ ناڪام فوجي بغاوت جو الزام آمريڪا تي هڻي ڇڏيو

انقره: ترڪي ملڪ ۾ ناڪام فوجي بغاوت جو الزام آمريڪا تي هنيو آهي.
عرب خابرو اداري موجب ترڪي جي گهرو وزير ملڪ ۾ 2016 دوران ٿيل فوجي بغاوت ۾ آمريڪا کي ملوث قرار ڏنو آهي جڏهن ته ان کان پهرين ترڪي ان واقعي جو الزام صدر اردوان جي اڳوڻي ساٿي ۽ آمريڪا ۾ ترسيل مقيم فتح الله تي هنيو هو، جنهن جي هن ترديد ڪئي هئي.
ترڪي جي گهرو وزير چيو آهي ته آمريڪا ترڪي ۾ فوجي بغاوت جو منصوبو ٺاهيو جنهن تي فتح الله گولن جي نيٽ ورڪ ان تي عمل ڪيو ۽ يورپ ان جي باري ڪافي سرگرم هو.
ٻئي طرف آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ترڪي جي الزامن جي ترديد ڪئي ۽ انکي مڪمل طور تي غلط قرار ڏنو.
آمريڪا جو چوڻ آهي ته ترڪي ۾ ناڪام فوجي بغاوت پويان آمريڪا جو ڪو هٿ ناهي، آمريڪا ته ان موقعي جي مذمت ڪئي هئي، ان ڪري ترڪ اڳواڻن جي اهڙي دعوا مڪمل بي بنياد آهي.